شاهد خاقان جي پيرول تي آزادي،چاچي جي جنازي ۾ شريڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت جي جج محمد بشير، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي سندس چاچي جي وفات تي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي مشروط  اجازت ڏئي ڇڏي آهي. شاهد خاقان عباسي جي ڀيڻ سعديا عباسي درخواست داخل ڪئي هئي ته کيس جنازي ۾ شرڪت لاءِ پيرول تي آزاد ڪريو. عدالت چيو ته هو نيب جي ڪسڊي ۾ آهي عدالت کيس نٿي ڇڏي سگهي. جنهن تي سعديه عبسي عدالت کي ٻڌايو ته هو نيب وارن وٽ وئي هئي ۽ هنن چيو ته عدالت ڇڏي ته کين اعتراض نه هوندو. ان موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته ڀلي عدالت اجازت ڏئي سگهي ٿي. جج چيو ته جيڪڏهن انتظاميا فول پروف انتظام ڪري ته نيب جو ڊي جي کيس ڇڏي سگهي ٿو. شاهد خاقان عباسي جي والد کا وڏي عمر وارو چاچو گذاري ويو آهي. هو هن وقت ايل اين جي ڪيس ۾  گرفتار آهي. انتظاميا جي طخاطري بعد کيس جنازي ۾ شرڪت لاءِ سخت سيڪورٽي ۾ اجازت ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو