شهدادڪوٽ( ن س) شهدادڪوٽ ۾ 5 جوابدارن جي 10هين ڪلاس جي شاگرد سان اجتماعي جنسي بدفعلي، ڪيس داخل، هڪ جوبدار گرفتار شهدادڪوٽ ۾ جمعي جي رات ٽيوشن سينٽر کان واپس گهر نه ايندڙ 10هين ڪالس جو شاگرد عريض احمد کوسو الڻ شاه پاڙي جي مال جي واڙي مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ جنهن کي وارث کڻائي تعلقا اسپتال پهچايو جتي کيس ڊاڪٽرن شروعاتي طور چڪاسي ڏاڌائي جي تصديق ڪئي. شاگرد عريض احمد جي والد سراج احمد کوسو ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته گذريل شام جو منهنجو پٽ عريض احمد ٽيوشن سينٽر کان گهر واپس نه آيو جنهن جي گم شدگي جو اطلاع اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ۽ ڳولا ڪئي جنهن بعد رات دير سان پٽ عريض احمد کوسو کي نشي جي حالت ۾ الڻ شاه ڀرسان حسين بخش سولنگي جي مال جي واڙي مان بيهوشي واري حالت مان هٿ ڪيو جنهن کي کڻائي اسپتال ۾ ميڊيڪل ڪرائي ۽ اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي 5 جوابدارن حسين بخش سولنگي، عرفان جوڻيجو، عباس ڪمبوه، اورنگزيب کوسو، رزاق سولنگي مٿان پٽ سان ذيادتي جي پنهنجي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي مون سان انصاف ڪري، هوڏانهن پوليس هڪ جوابدار مال جي واڙي جي مالڪ حسين بخش سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻيا4 جوابدار فرار آهن










