ڪراچي(م ڊ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ جي نياڻي فاطمه ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي قيمت ڪيئي نسل ادا ڪندا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته پورو ملڪ ڄاڻي ٿو ته سنڌ جي عوام جو پيسو ڪيڏاهن پيو وڃي، صوبي ۾ نه صحت جون سهولتون آهن ۽ نه ئي سٺي تعليم ملي ٿي هن چيو ته صوبي ۾ ڪيترائي اسڪول رڳو رڪارڊ تي موجود آهن اتي نه عملو آهي ۽ نه ئي عمارتون آهن ان جي باوجود بجيٽ ۾ رقم رکي هڙپ ڪئي وڃي ٿي، گهوسٽ اسڪول سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جو چٽو ثبوت آهن فاطمه ڀٽو چيو ته سجاول جوڻيجو کي تعلقي جو درجو ملڻ کي 10 سال گذري ويا اهن پر هتي اسپتال به ناهي عورتون علاج لاءِ لاڙڪاڻي وڃن ٿيون
An update: it’s still empty and still a ghost school two months later even though an official came to visit after @BhuttoZulfikar and I wrote about it. Nothing has been done. What teachers are registered as working here? They’re taking govt salaries. We should know their names. pic.twitter.com/RJlzdQ7UyD
— fatima bhutto (@fbhutto) May 1, 2023










