ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي درخواست تي ٺاهڻ جو مطالبو

ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي درخواست تي ٺاهڻ جو مطالبو

لاهور)ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير حماد اظهر مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي درخواست تي ٺاهي وڃي.هڪ بيان ۾ حماد اظهر چيو ته موجوده حڪومت کي بجيٽ پيش نه ڪرڻ گهرجي، اها حڪومت بجيٽ پيش ڪندي به ان لاءِ ضروري آهي ته هي بجيٽ سياسي نه هجي، پارٽين کي ان تي اعتماد ڪيو وڃي.هن مطالبو ڪيو ته نئين بجيٽ تي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ حڪومت ان بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو