صحافين جي حقن لاءِ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

صحافين جي حقن لاءِ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) پهرين مئي کان صحافين جي حقن لاءِ ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ايف يو جي جي وفاقي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ايڪشن پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي.پي ايف يو جي صدر افضل بٽ جو چوڻ آهي ته 3 مئي صحافت جي عالمي ڏينهن تي ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي ويندي، 13 مئي ۽ 20 مئي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.افضل بٽ موجب لانگ مارچ جي مرحلي جو اعلان 20 مئي کانپوءِ ڪيو ويندو، اخباري ڪارڪنن وانگر اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪارڪنن لاءِ به قانون ٺاهيو ويندو، حڪومت ان جو تجويز ڪيل مسودو به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.ان کان علاوه ميڊيا کي صنعت تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو