هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا اغوا ، فائرنگ ۾ 2 زخمي، هڪ بازياب

هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا اغوا ، فائرنگ ۾ 2 زخمي، هڪ بازياب

گهوٽڪي (ن س)ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي اوباڑو ۾ موٽر وي M5 ويجهو گڊو لنڪ روڊ تي هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو ۽ 2 زخمي ڪري ڇڏيا.پوليس مقابلي بعد هڪ يرغمالي کي بازياب ڪرائي ورتو، ٻئي يرغمالي جي بازيابي لاءِ پوليس ڪارروائي جاري رکي آهي.پوليس موجب گڊو لنڪ روڊ تي ڪشمور ڏانهن ويندڙ کير سپلائي جي گاڏي مان ڦرلٽ 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا.مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ 2 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو.زخمين کي تعلقي اسپتال اوباڑو کان پوءِ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس مقابلي بعد يرغمال بڻيل 1 جوابدار کي بازياب ڪرائي ورتو.پوليس موجب ڊي ايس پي اوبڙيو جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي بازيابي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو