ڪراچي: 2 مبينا تيل چور مارجي ويا، 3 ساٿي گرفتار

ڪراچي: 2 مبينا تيل چور مارجي ويا، 3 ساٿي گرفتار

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بن قاسم ٽائون ۾ 2 ڄڻا زمين ۾ دٻجي ويا، جن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس اختيارين موجب ٻئي ڄڻا لائين مان تيل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، مارجي ويلن جا لاش سندن 3 ساٿين خانگي اسپتال پهچايا، پوليس ٽنهي ساٿين کي خانگي اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪراچي کان ايندڙ آئل لائين تي ڪلپ لڳائي رهيا هئا ته زمين هيٺ دٻجي فوت ٿي ويو.ايڌي فائونڊيشن موجب فوتين جي سڃاڻپ 36 ورهين جي زاهد ولد عبدالرزاق ۽ 33 ورهين جي عبدالغني ولد محمد حسن جي نالن سان ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گروپ اڳ به لائن مان ڪروڙين رپين جو تيل چوري ڪري چڪو آهي، هن وقت تائين گروپ جو ماسٽر مائينڊ گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.پوليس اختيارين موجب هن گروپ جي 7 جوابدارن کي اڳ ۾ شاهه لطيف ٽائون، شريفي ڳوٺ، بن قاسم، اسٽيل ٽائون، درخشان مان گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن هڪ ايڪڙ زمين تي گودام ٺاهيو هو، جوابدار گودام اندر سرنگهه مان سرڪاري تيل چوري ڪري رهيا هئا.پوليس اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان استعمال ٿيندڙ 2 گاڏيون به تحويل ۾ ورتيون آهن، جڏهن ته مرڪزي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو