خيرپور (ن س)خيرپور ۾ مسافرن کي ڦر ڪندڙ جوابدار پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.پوليس موجب خيرپور جي علائقي راڻي پور ۾ شاهاڻي پل وٽ روڊ بلاڪ ڪري چور مسافرن کي ڦري رهيا هئا ته هڪ مسافر پوليس کي اطلاع ڏنو.پوليس جي پهچڻ تي جوابدارن سان مقابلي ۾ بدنام ڊڪٽي غلام سرور مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي ڈاکو اوندهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري وٽان هٿيار، ڦر ڪيل رقم ۽ هڪ موبائل فون هٿ ڪيو ويو آهي، مارجي ويل ڏوهاري ڦر، اغوا، ڀنگ، چوري ۽ پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو.










