پارليامينٽ جي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته آئين موجب قدم کڻنداسين

پارليامينٽ جي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته آئين موجب قدم کڻنداسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ نٿا چاهيون، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، اپوزيشن سان ڳالهيون نه پيون ٿين.پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جڏهن به ٽڪراءُ ٿيندو آهي ته نقصان ٿيندو آهي، ٽڪراءَ سان ڪهڙو نقصان ٿيندو، ان تي اڳڪٿي نه ڪندس.هن چيو ته هر ادارو حدن ۾ رهي ڪم ڪري، پارليامينٽ جي حدن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي پارليامينٽ جا اختيار اورانگهڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن پارليامينٽ جي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ته آئين موجب قدم کڻنداسين.اپوزيشن سان ڳالهين جي حوالي سان خواجا آصف چيو ته في الحال ڪي ڳالهيون نه پيون ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو