ثاقب نثار جي آڊيو، سندس سڄو دور سواليه نشان بڻجي چڪو

ثاقب نثار جي آڊيو، سندس سڄو دور سواليه نشان بڻجي چڪو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران خان جي تازي انٽرويو ۽ ايوان صدر ۾ صدر عارف علوي جي سرگرمين جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو وڃي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ اسيمبليون غير آئيني طريقي سان ٽوڙڻ سبب ملڪ ۾ اڄ بحران واري صورتحال آهي، ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڇا پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون آئيني طريقي سان ٽوڙيون ويون؟ ڇا سپريم ڪورٽ غير آئيني طور ٽوڙيل اسيمبلين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگھي ٿي ؟ هنن چيو ته ملڪ ۾ عدالتي ڪو آڻڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن ، اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ عدالتي ڪو آڻڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته ماضي ۾ ڳالهيون پردي پٺيان ٿينديون هيون، پر هاڻي پوري قوم جي سامهون معاملا نظر اچي رهيا آهن. جڏهن مسئلن تان پردا لهي رهيا آهن ته شڪ ۽ شبها به وڌي رهيا آهن. سوال اٿاريا پيا وڃن ته اسان جي عدليه ۾ هن طريقي سان معاملا هلايا پيا وڃن ، ڇا ان طريقي سان ذاتي پسند ۽ ناپسند تي فيصلا ٿيندا رهيا آهن.هن چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان انٽرويو ۾ خطرناڪ انڪشاف ڪيا آھن. هن آگسٽ ۾ جنرل (ر) باجوه سان آگسٽ ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات جو انڪشاف ڪيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان ملاقات کان اڳ عمران خان جنرل (ر) باجوه خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته ايوان صدر جو ڪهڙو ڪم آهي، ڇا اهو سازشن جو ڳڙهه آهي. هڪ آرمي چيف ۽ اڳوڻي وزيراعظم وچ ۾ ٿيل ملاقات کي ڳجهو رکيو ويو ، ايوان صدر مان ان بابت ڪا به پريس رليز جاري نه ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان چيو آهي ته هن جنرل (ر) باجوه جي حڪم تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙيون ھيون ، ڇا غيرقانوني طور ٽوڙيل اسيمبلين تي سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس بڻجي ٿو؟ هاڻي عدالت اليڪشن لاءِ بضد آهي. هن چيو ته اڄ به ثاقب نثار جي آڊيو ليڪس آئي آهي. ثاقب نثار مڪمل طور تي سازشن ۾ ملوث رھيو آهي، وڏو نيڪسز جڙيل ھو . ، ثاقب نثار جو سمورو دور ۽ سندس فيصلا سواليا نشان بڻجي ويا آهن، ثاقب نثار شروع کان ئي عمران خان جو سهولتڪار رھيو آهي، ھن مخالف جماعتن کي عوام ۾ ناڪاري ڪري پيش ڪيو .مان سمجهان ٿو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار ٽائيگر فورس جو ڪارڪن بڻيل هو. مرضي جا بينچ ٺاهيا ويا ۽ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرايا ويا. هن چيو ته ڇا ثاقب نثار جا سمورا فيصلا ڪالعدم نه ٿيڻ گهرجن. صوبائي وزير چيو ته ڇا هدايتون ڏيڻ ججن جو ڪم آهي، هي ماڻهن کي مذاڪرات جو چئي رهيا آھن.، اهي حڪم آئين جي ڪهڙي شق تحت ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتي ڪو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهي ادارا پوري قوم جي اميد آهن، پر بدقسمتيءَ سان ڪجه ماڻهو ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي جانبدار بڻجي ويا آهن ، ڇا اهو سڄي نظام لاءِ سواليه نشان ناهي؟ هن چيو ته عمران خان ڪٽ پتلي آهي، پهريان هو ڪنهن ٻئي جي آڱرين تي نچندو هو، هاڻي هو ڪنهن ٻئي جي آڱرين تي نچڻ لاءِ تيار آهي. هن شخص فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن دور ۾ عدليه کي نشانو بڻايو ۽ هاڻي هي شخص ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، عمران خان اسان جي ملڪ کي نشانو بڻائڻ چاهي ٿو، پرڏيھ ۾ قائم پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سيل ان سازش تي لڳل آهي.اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي تازي انٽرويو کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پنهنجيون اکيون پٽڻ گهرجن ۽ تحريڪ انصاف جي ٻئي درجي جي اڳواڻن کي عمران خان خلاف بغاوت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان جي انٽرويو ۽ عارف علوي جي سرگرمين جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو وڃي، ان وقت جي پنجاب جي وڏي وزير به چيو هو ته پنجاب اسيمبلي جا 95 سيڪڙو ميمبر پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي خلاف آھن . ان موقعي تي ڳالهائيندي قانون بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪي ماڻهو عمران خان سان ڳجهيون ملاقاتون ڪري رهيا آهن ، انهن کي سوچڻ گهرجي ته 3 مهينا گذرڻ کانپوءِ ڪٿي انھن سان ڪيل ڳالهيون به ايئن انٽرويوز ۾ نه ٻڌايون وڃن. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون قانوني طور ٽوڙي ويون يا غير قانوني، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 63 اي جي فيصلي ۾ وڏو تضاد آهي. آئين ٺاهڻ سڄي دنيا جي پارليامينٽ ۽ اسيمبلين جو ڪم آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ عدالت جي ڪجهه فيصلن ذريعي آئين کي تبديل ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته 63 اي ۾ طريقيڪار جو ذڪر ٿيل آهي پر فيصلي ۾ ان کي پاسيرو رکيو ويو.ھن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته ملڪ مان غير يقيني واري صورتحال ختم ٿئي. پر جيڪڏهن عدالتون عوام جي مستقبل جو فيصلو ڪنديون ته پوءِ اهو فيصلو اچڻ گهرجي ته سمورا فيصلا پارليامينٽ بدران چيف جسٽس ڪندو. هن چيو ته سياستدان عوام جا چونڊيل نمائندا هوندا آهن، لکين ووٽ وٺي اچن ٿا ، پر پوءِ به اهي آئين تبديل نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اهڙا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، جن سان چونڊيل حڪومتون ۽ وزير اعظم متاثر ٿيندا رھيا آهن، هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم کي نشانو بڻائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڇا ڪو قانون ٺهڻ کان اڳ رد ٿي سگهي ٿو؟، قانون سازي جو ھڪ عمل آهي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ موجود آهن، پر اڃا قانون سازي جو نوٽيفڪيشن نٿو نڪري، تہ پارليامينٽ پاران جوڙيل قانون کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ پين جي هڪ اسٽروڪ سان سڀ ڪجهه ختم ڪيو وڃي ٿو. قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سياستدانن جو هر روز احتساب ٿيندو رھي ٿو ، جيڪڏهن ڪو وزيراعظم ڪنهن کي ڀرتي ڪري ٿو ته هن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو، ته هن ڪنهن کي ڪيئن ڀرتي ڪيو ، اهڙي ريت آفيسرن جو احتساب ٿيندو رھي ٿو، ته پوءِ ڇا ججن جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي؟هن چيو ته جسٽس (ر) نسيم حسن شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيصلي کي غلط قرار ڏنو، ڇا ان جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ جيڪا آڊيو ٽيپ آئي آهي اها هنن جو ڪردار ٻڌائي رهي آهي. نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جا حڪم جاري ڪيا ويندا آهن ۽ اسلام آباد جي ڪانسٽيٽيوشنل ايونيو تي قائم عمارت کي ريگيو لرائيزڊ ڪيو ويندو آهي پر اڄ تائين ڪنهن به معزز جج خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته جج صاحبان خلاف ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن پر اُنھن کي ٻڌو نہ ٿو وڃي . هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ شخص نه پر سمورا ماڻهو آهن جيڪي هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ ويٺا آهن. پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي ڪنهن هڪ شخص وٽ ناهي. سپريم ڪورٽ قلم 184 تحت پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، 1989ع ۾ سپريم ڪورٽ اعتزازاحسن جي درخواست تي فيصلو ڏنو ويو ان معاملي تي 11 معزز جج صاحبان جو فيصلو موجود آهي پر ان کي سائيڊ تي رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو