عمران خان جا انٽرويو سندس خلاف چارج شيٽ ثابت ٿين پيا

عمران خان جا انٽرويو سندس خلاف چارج شيٽ ثابت ٿين پيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جا انٽرويوز سندس پنهنجي خلاف چارج شيٽ ثابت ٿي رهيا آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جو چوڻ آهي ته ھن ٻن صوبن ۾ حڪومت جنرل (ر) باجوا جي چوڻ تي ختم ڪئي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هن شخص جي سياست 100 سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان ٻن صوبن ۾ حڪومت ختم ڪرڻ کان پهريان جنرل (ر) باجوا خلاف سوشل ميڊيا تي مهم ھلائي هئي ۽ ان تي ذميواري وجھي رهيو آهي ته پوءِ جنرل (ر) باجوا جي مشوري تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون ڇو ختم ڪيائين. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي سموريون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته عمران خان سڄي قوم کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، هن شخص جي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي شخص ذهني مريض بڻجي ويو آهي، عمران خان جو مقصد فقط پاڪستان سان دشمني آهي، هن چيو ته عمران خان جا پيروڪار اکيون کولين ۽ هن ڪوڙي شخص کان پنھنجي جان آجي ڪرائين

پهنجو تبصرو موڪليو