انڊس هاءِ وي تان 6 ڄڻا اغوا، آپريشن ۾ هڪ مغوي بازياب

انڊس هاءِ وي تان 6 ڄڻا اغوا، آپريشن ۾ هڪ مغوي بازياب

ڪنڌڪوٽ(ن س) سنڌ ۾ بدامني جي ٻريل باهه ۾ گهٽتائي نه آئي، ڌاڙيل 6 ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا. پوليس موجب ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس هاءِ وي تي اوڳاهي اسٽاپ وٽان ڌاڙيلن 6 ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا. پوليس جي دعويٰ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان پوليس جي ويڙهه جاري آهي، يرغمال ٿيلن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ مان امداد بنگوار موجب بڊاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي ڪاروائي هڪ مغوي بازياب، هڪ مهينو اڳ بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ الله رکيو سولنگي مان اغوا ٿي ويل نوجوان ارباب سولنگي کي پپليس پاران مُبينا مُقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو، ڊي ايس پي, سي آءِ اي نورالدين کوهارو ۽ اسپيشل ٽيم ڏوهارين سان مُبينا مُقابلو ڪري مغوي کي بازياب ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو