بليو ٽڪ سروس ختم، تصديق ٿيل اڪائونٽ  به محروم

بليو ٽڪ سروس ختم، تصديق ٿيل اڪائونٽ به محروم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سميت ڪيترن ئي شخصيتن ۽ ادارن جي ٽوئيٽر اڪائونٽس تان بليو ٽڪ غائب ٿي ويو آهي. وئيٽر تي بليو ٽِڪ ذريعي صارف جي اڪائونٽ جي تصديق ڪئي وئي ته هي اڪائونٽ جعلي نه پر حقيقي آهي پر هاڻي بليو ٽِڪ استعمال ڪندڙن جي تصديق ٿيل اڪائونٽن مان غائب ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ٽوئيٽر تي 19 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن، سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بليو ٽِڪ به ختم ٿي وئي، ان کان علاوه بالي ووڊ جو شهنشاهه اميتاڀ بچن آهي جنهن جا ٽوئيٽر تي 48 لک کان وڌيڪ فالوورز آهن. ڪنگ شاهه رخ خان جنهن جا ٽوئيٽر تي 43 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن، پڻ پنهنجو تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ وڃائي ڇڏيو آهي. اهو ئي نه پر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، موجوده ڪپتان بابر اعظم، فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بليو ٽِڪ به غائب ٿي وئي آهي.ان کان علاوه پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو، ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سميت ڪيترن ئي تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽس تان بليو ٽڪ هٽايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو