ٽڪيٽن کان محروم اميدوار اپيل ڪري سگهن ٿا، عمران خان

ٽڪيٽن کان محروم اميدوار اپيل ڪري سگهن ٿا، عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وڏي مشڪل سان اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن، باقي اميدوارن جي اپيلن تي جلد ٻڌڻي ڪئي ويندي زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جن کي ٽڪيٽون نه مليون اهي اپيل ڪري سگهن ٿا، افسوس جي ڳالهه آهي ته هو سمورن اميدوارن جا انٽرويو نه ڏئي سگهيو. انٽرويو نه ڏيڻ جو سبب بيان ڪندي هن چيو ته هڪ ته عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا هئا، ٻيو ته پي ڊي ايم اليڪشن کان ڀڄي رهي هئي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن پي ڊي ايم کي چيو ته اسان سان ميچ کيڏيو، اهي وڪيٽون ٽوڙي ڊوڙي رهيا هئا، سپريم ڪورٽ کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن پي ڊي ايم کي هلڻ نه ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو