اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عيد جي موڪلن دوران عمران خان جي گرفتاري روڪڻ ۽ ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي عيد جي موڪلن دوران عمران خان کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق عيد جي موڪلن دوران عمران خان جي گرفتاري روڪڻ ۽ ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو، فيصل چوڌري چيو ته جڏهن سراج الحق زمان پارڪ آيو ته ڳالهين جي سٺي ڪوشش ڪئي وئي پر ٻئي ڏينهن صبح جو اسان ڏٺو ته اسان جي سنڌ جي صدر کي کنيو ويو. جسٽس عامر فاروق چيو ته ان واقعي مان بيڊ ٽيسٽ پيدا ٿيو آهي. وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ چيو ته خدشو آهي ته عيد جي 5 موڪلن دوران ٻيو آپريشن ڪندا.سپريم ڪورٽ عمران خان جي درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته عيد جي موڪلن دوران عمران خان کي هراسان نه ڪيو وڃي.عدالت عمران خان جي درخواست کي عيد تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست پڻ منظور ڪندي درخواست جي ٻيهر ٻڌڻي 27 اپريل تي ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ پوليس کان 27 اپريل تائين عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.










