ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 75 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ اشرافيا عوام سان زيادتي ڪئي. پرڏيهي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان پنهنجي برابري جي ٻين ملڪن کان گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي جيڪڏهن اسان جو رخ غلط آهي ته هي رخ تبديل ڪرڻو پوندو مفتاح اسماعيل چيو ته ڪوئي اسيمبلي ميمبر ان تي ڳالهه نٿو ڪري پاڪستان ۾ سياست اقتدار جي جنگ ٿي وئي آهي اسان جي سياسي ليڊرن جا بيان ٻڌو ته اهي هڪٻئي تي تعنا هڻندي نظر اچن ٿا ته مان ان کي جيل ۾ وجهي ڇڏيندس ۽ هو ان کي جيل ۾ وجهي ڇڏيندو بس رڳواهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. هن چيو ته عوام جي ڳالهه ڪنهن سياسي پارٽي ڪئي آهي ڪنهن سياسي پارٽي غربت گهٽائڻ خانداني رٿابندي جي ڳالهه ڪئي آهي ڪنهن پاڪستاني روزگار پيدا ڪرڻ ۽ عوام کي حق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پاڪستاني سياسي پارٽيون ناقص ٿي ويون آهن جيڪي رڳو پنهنجي ليڊرن جو مفاد ۽ کين اقتدار ۾ آڻڻ چاهيون ٿيون ان کان سواءِ ڪنهن به سياسي پارٽي ڇا ڪائي ڳالهه ڪئي آهي.










