هن مهانگائي ۾ ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن:اياز

هن مهانگائي ۾ ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن:اياز

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ حڪومت غريب عوام تي مھانگائي جا بم ڪيرائي رھي آھي. بک، بدحالي ۽ غربت جو شڪار ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. پئٽرول ۽ گئس جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھٿرادو پاڻي کوٽ ڪري سنڌ جي زراعت کي وڌيڪ تباھ ڪيو پيو وڃي. پاڻي جي ڪري ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ٻين ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بہ کوٽ ٿي وئي آھي. ارسا پاڻي ورھاست بدران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۾ سهولتڪار بنيل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي. پ پ ۽ پي ڊي ايم حڪومت جي پاليسين ۾ سنڌ جي ترقي شامل ناھي. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. ھر طرف ڌاڙيل ۽ لاقانونيت جو راڄ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بخشاپور ۾ قبيلائي دھشتگردي ۾ 5 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن ٿوري وقت ۾ پوليس آفيسن جا ھڪٻئي پٺيان لاش ڏنا آھن. ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ھر شھر بدامني جي باھ ۾ سڙي رھيو آھي. ڪٿي بہ حڪومت نظر نٿي اچي. نوجوان منشيات ۾ سڙي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ روزانو عوام لاءِ مشڪل حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن. عوام کي خاموش تماشائي بڻجڻ بدران پنھنجي حقن لاءِ رستن تي اچڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو