ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) واٽر بورڊ پنهنجي صارفين جي ماهوار بلن جي ادائيگي جي آخري تاريخ ۾ 28 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي، ترجمان واٽر بورڊ موجب عيدالفطر جي موقعي تي 21 کان 25 اپريل تائين عام موڪلون جي ڪري سموريون بئنڪون بند ھئڻ سبب تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن تہ ھاڻي واٽر بورڊ جا سمورا صارفين 28 اپريل تائين پنهنجا ماھوار بل لاڳاپيل بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.










