بئريسٽر سلطان محمود جي عمران خان خلاف بغاوت، فارورڊ بلاڪ قائم

بئريسٽر سلطان محمود جي عمران خان خلاف بغاوت، فارورڊ بلاڪ قائم

اسلام آباد)¬ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف بغاوت ڪندي فارورڊ بلاڪ ٺاهي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي متفقه اميدوار کي آمهون سامهون ڪندو، پاور شيئرنگ فارمولي تحت اسان جو اتحاد پيپلز پارٽي سان هو. جيڪڏهن وزيراعظم جو اميدوار پيپلز پارٽيءَ مان هوندو ته اسان ان کي ووٽ ڏيڻ جا پابند هئاسين، پر پيپلز پارٽي فارورڊ بلاڪ سان معاملا طئي ڪرڻ وقت (ن) ليگ کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ نه ئي فارورڊ بلاڪ (ن) ليگ سان رابطو ڪيو. (ن) ليگ جيڪڏهن حالتون اهڙيون رهيون ته (ن) ليگ 7 ووٽن سان پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هوندي.ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي فارورڊ بلاڪ تي رد عمل کانپوءِ بئريسٽر سلطان محمود رات دير سان (ن) ليگ سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن کين فارورڊ بلاڪ جي اميدوار چوڌري رشيد جي حمايت لاءِ قائل ڪيو وڃي. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي هاءِ ڪورٽ مان نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم جي چونڊ بابت صورتحال لمحو لمحو تبديل ٿي رهي هئي، جيڪا اڄ ڊراپ ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو