فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ڪيترو به اصرار ڪري، چونڊون 14 مئي تي نه ٿينديون، چونڊون هن سال مقرر وقت تي ئي ٿينديون.راڻا ثناءُ الله چيو ته ڏکئي وقت ۾ پارٽي سان گڏ بيهڻ وارن جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي، حلقي جي عوام هر ڀيري مون تي اعتماد جو اظهار ڪيو، 2018ع ۾ منهنجي تڪ کي 3 هنڌن ۾ ورهايو ويو، اسان عوام جي خدمت ڪئي. مقصد اسان کي ڪمزور ڪرڻ هو، اڄ مون کي جيڪا پوزيشن آهي اها اوهان جي خدمت جي ڪري آهي.هن چيو ته عمران خان چاهي جيترو به ڌڪ هڻي، 14 مئي تي چونڊون نه ٿينديون، چونڊون گڏجي ٿينديون ۽ هن سال ۾ مقرر وقت تي ٿينديون.










