ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سائيٽ بي پوليس سائيٽ صنعتي ايريا ۾ گهٽڪو ٺاهڻ جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ سپاري ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو پوليس ڇاپي دوران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ايس ايڇ او سائيٽ بي زوار حسين مطابق ايس پي بلديا ڊويزن مغيث احمد هاشمي جي نگراني ۾ سائيٽ صنعتي ايريا ۾ گهٽڪي ۽ مائي جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي 4 جوابدار سلمان، حبيب الله، محمد امجد ۽ حماد حسن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته فرحان فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي پوليس موجب ڪارخاني تي ڇاپي دوران 16 ڪارٽن ۾ موجود 1280 پيڪٽ ايم جي گهٽڪو 6 مائي جا ٻورا، 65 ڪلو سپاري جا 10 ٻورا، هڪ مڻ تماڪ جا 7 ٻورا ۽ گهٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل جا 6 ٻورا جن جو وزن 120 ڪلو آهي.










