دڙو ۾  خوفناڪ واقعو، 2 معصوم ڀائرفوت

دڙو ۾ خوفناڪ واقعو، 2 معصوم ڀائرفوت

دڙو(ن س ) دڙي ويجهو ڪچي پل تان لنگهندي 2 معصوم ڀائر ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا آهن غريب پورهيت ذورالفقار عرف ڀٽو ملاح جا ٻه معصوم پٽ 5 سالا غلام حسين ۽ 3 سالا معصوم غلام رسول ملاح پنهنجي گهر اڳيان شيرواھ مٿان اڏيل ڪچي ڪاٺ جي پل تان لنگهي رهيا هئا ته پير ٿڙڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پيا مائٽن پاران ڳولا ڪرڻ بعد ٻنهي معصوم ڀائرن جا لاش پاڻي مان ڪڍيا ويا جن کي دڙو اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ٻنهي معصوم ڀائرن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ماءُ کي بيهوشي جا دؤرا پئجي ويا جڏهن ته عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن ڏکوئيندڙ واقعي تي هر اک آلي ٿي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو