اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان هاءِ ڪورٽ ۾ مقررين بابت ڪيس ۾ حڪومت جي مهلت جي درخواست منظور ڪري ورتي.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ تيار ٿي پاڻ پيش ٿيندو.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته عدالت کي گذارش آهي ته مناسب وقت ڏنو وڃي.درخواستگذار جي وڪيل مخدوم علي خان جو چوڻ هو ته حڪومت چاهي ٿي ته اپيل جو قانون اچي وڃي، حڪومت اها خواهش پوري ڪري.سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










