واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي شهر نيو جرسي جي پاسائڪ ڪائونٽي ۾ عمر بن الخطاب مسجد ۾ فجر جي نماز دوران امام تي چاقو سان حملو ڪيو ويو.آمريڪي ميڊيا موجب مسجد جو پيش امام 65 ورهين جو امام سيد النقيب چاقو جي حملي ۾ زخمي ٿي پيو پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته چاقو سان حملي وقت مسجد ۾ 200 نمازي موجود هئا، نمازين حملي آور کي قابو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. آمريڪي ميڊيا اهو به ٻڌايو آهي ته مسجد جي امام تي حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ 32 سالن جي سيرف زوربا طور ٿي آهي.پوليس پاران جوابدار جي ان قاتلاڻي حملي جا سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن.پوليس جوابدار کي سومر تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪندي.










