اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان صدر عارف علوي طرفان سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 تي نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ موڪلڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته صدر عارف علوي پارليامينٽ کي قانون سازي نه سيکاري.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيري رحمان چيو ته صدر بل تي نظرثاني لاءِ واپس موڪلي ثابت ڪيو ته هو صدر نه پر پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل آهي.شيري رحمان چيو ته صدر عارف علوي پارليامينٽ جي هر فيصلي کي تحريڪ انصاف جي نظر سان ڏٺو آهي، هن بل اچڻ کان اڳ به هڪ انٽرويو ۾ ان تي پنهنجي راءِ ڏني هئي.هن چيو ته صدر عارف علوي پنهنجي پارٽي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، صدر جي آئيني حيثيت ناهي، هو چئي رهيو آهي ته هي بل پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي؟ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي ساڍا 3 سالن تائين صدر هائوس کي آرڊيننس فيڪٽري وانگر هلائيندو رهيو، کيس پارليامينٽ جي اختيارن جي خبر ڪيئن پوندي.










