اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا جي 8 ملڪن مان سڀني کان وڌيڪ مهانگو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ موجوده مالي سال مهانگائي جي شرح 27.5 سيڪڙو رهندي.اي ڊي بي رپورٽ موجب خطي ۾ سريلنڪا 24.4 سيڪڙو سان مهانگائي جي حوالي سان ٻئي جڏهن ته افغانستان 13.8 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ چوٿون مهانگو ملڪ بنگلاديش آهي جتي مهانگائي جي شرح 8.7 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ هلندڙ سال مهانگائي پنج سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيپال ۾ مهانگائي 7.4 سيڪڙو ڀوٽان ۾ 5.5 سيڪڙو ۽ مالديپ ۾ 4.5 سيڪڙو رهندي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ معاشي شرح 0.6 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.واضح رهي ته ناڻي واري وزارت ماهوار اڪنامڪ اپڊيٽ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ به روپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ مهانگي پيٽروليم شين سبب ملڪ ۾ مهانگائي وڌيڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. رپورٽ موجب فيبروري 2023 ۾ مهانگائي 31.25 سيڪڙو رهندي جنهن سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. هفتيوار مهانگائي اڳ ئي 46 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي.










