سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ ڪابينا رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي طلب ڪرڻ جي منظوري ڏني.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ التوا ۾ پيل چونڊ ايجنڊا جي هڪ نقطي تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس جي مختلف رخن ۽ ڪنهن فيصلي جي امڪاني اثرن تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس مان سمورا سرڪاري آفيسر ٻاهر موڪليا ويا ۽ اجلاس ۾ رڳو وزير موجود هئا.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي واپس طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ جو خط رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي واپس طلب ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو