ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته سنڌ حڪومت 78 لک خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي اٽي جي مد ۾ 2 هزار رپيا في خاندان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن وقت تائين 16 لک 16 هزار 422 خاندانن ۾ اٽي جي صورت ۾ 3 ارب 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي. هن اها ڳالهه اڄ رمضان المبارڪ ۾ اگهه ڪنٽرول ڪرڻ بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، سيڪريٽري زراعت، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن، ڊي جي مارڪيٽ ڪميٽي، سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن صوبي ۾ بچت بازارن ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ دوران 1833 منافع خورن تي 91 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪمشنر حيدرآباد چيو ته حيدرآباد ۾ 40 لک رپيا، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 6 لک 56 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ۽ ڪمشنر سکر کي ڏنڊ جي رقم وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورا ڪمشنر پاڻ پرائس ڪنٽرول جي نگراني ڪن. هن سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته منافع خورن خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي ۽ چيو ته منافع خورن جون شيون ضبط ڪري سرڪاري اگهه تي نيلام ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل بچت بازارن ۾ ضروري شين جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. مارڪيٽ ڪميٽي پاران سمورين بازارن ۾ سبزي ۽ ميوي جا اسٽال لڳايا وڃن. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڪمشنر ميرپورخاص جي سفارش تي لاپرواهي تي ڊيوٽي انچارج مارڪيٽ ڪميٽي ميرپورخاص کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ دوران حڪومت پاران جاري ڪيل حڪمن تي ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.










