جاويد ناياب لغاري پاران رمضان بچت بازار جو اوچتو دورو، هدايتون

جاويد ناياب لغاري پاران رمضان بچت بازار جو اوچتو دورو، هدايتون

نوابشاهه (ن س)وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون جاويد ناياب لغاري پاران رمضان بچت بازار جو اوچتو دورو عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ واسطيدار عملدارن کي هدايتون جاري تفصيل موجب وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون جاويد ناياب لغاري اڄ ضلع انتظاميه شھيد بينظيرآباد پاران لڳايل رمضان بچت بازار جو اوچتو دورو ڪري بچت بازار ۾ لڳايل کاڌي پيتي جي اسٽالز جو معائنو ڪري ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون ۽ دڪاندارن کي ھدايت ڪئي ته ريٽ لسٽون نمايان جاء تي رکيون وڃن ۽ شھرين کي مقرر ڪيل رعايتي اگھن تي شيون ڏنيون وڃن وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون جاويد ناياب لغاري چيو ته ڪوشش آھي ته بچت بازار ذريعي عوام کي رعايتي اگھن تي کاڌي پيتي جون شيون ھڪ جاء تي فراهم ڪيون وڃن انھي لاءِ ضلع انتظاميه بچت بازار ۾ کاڌي پيتي جي سمورين شين جي موجودگي کي يقيني بڻائي ھن وڌيڪ چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي ھدايتن تحت بچت بازارن ذريعي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ بچت بازارن جي نگراني ڪري رھيو آھيان ان موقعي تي شھرين پاران سنڌ حڪومت ،وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون جاويد ناياب لغاري ۽ ضلع انتظاميه جو شڪريو پڻ ادا ڪيو خاص معاون جي دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه علي شير جمالي، بيورو آف سپلائي جو شعيب شاهه، پ پ پ اڳواڻ سيد عاطف زيدي، راشد چانڊيو ۽ ٻياعملدار ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو