واٽس ايپ ۾ تصويرون ۽ وڊيوز ايڊٽ ڪرڻ وارو اهم فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ تصويرون ۽ وڊيوز ايڊٽ ڪرڻ وارو اهم فيچر متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ آخرڪار اُهو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو جنهن تي ايپليڪيشن گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪري رهي هئي.واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب ايپ “ نيو ٽيڪسٽ ايڊيٽر “ وارو فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت تصويرن ۽ وڊيوز ۽ جي آءِ ايف ( گرافڪس انٽرچئينج فارميٽ ) کي ايڊٽ ڪري سگهبو.رپورٽ موجب اِهو فيچر فلحال ” اينڊرائيڊ “ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ته جڏهن ته آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ اِهو ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته اينڊرائيڊ واهپيدار اِهو فيچر اپڊيٽڊ واٽس ايپ ورزن ۾ استعمال ڪري سگهندا.
اِهو فيچر ڪم ڪيئن ڪندو آهي؟
ان ٽول ذريعي واٽس ايپ جا مختلف فونٽس استعمال ڪرڻ سولو ٿي ويندو، ان سان واهپيدار فوري ٻئي فونٽ جي چونڊ ڪري سگهندا.ان حوالي سان واٽس ايپ بيٽا انفو اسڪرين شاٽ به جاري ڪيو آهي، ان فيچر کي نظر ۾ رکندي واهپيدار تصويرون ۽ وڊيوز تي موجود ٽيڪسٽ کي ساڄي کان کاٻي ۽ سينٽر ۾ ڪري سگهندا.ان طرح واهپيدار پنهنجون تصويرون، وڊيوز ۽ جي آءِ ايف تي ٽيڪسٽ مرضي پٽاندڙ ترتيب ڏئي سگهن ٿا، انکانسواءِ نئين ٽول جو استعمال ڪندي بيڪ گرائونڊ جو رنگ به تبديل ٿي سگهي ٿو، ان سان بيڪ گرائونڊ ۽ ٽيڪسٽ جي رنگ ۾ فرق واضح ٿي ويندو.پر اِها ڳالهه پڻ ياد رکڻ گهرجي ۽ ممڪن آهي ته ڪجهه واهپيدار جي ان فيچر تائين رسائي نه هجي، پر اوهان کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو اوهان کي ٿورو انتطار ڪرڻو پوندو، اِهو فيچر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سمورن اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو