ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي جاچ لاءِ يو اين ڪميشن جوڙيو،عمران

اسلام آباد(اياز مهر) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان اقوام متحده جي انساني حقن بابت ڪمشنر جي والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ مڙهيل پابندين بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي نرمي ڪرڻ واري بيان جي ڀليڪار ڪئي آهي. هن اقوام متحده کان مطالبو ڪيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي. هن چيو ته انساني حقن بابت اقوام متحده جي رپورٽ ۾ پڻ جاچ ڪميشن جي سفارش ڪئي وئي آهي اسين ان جي تائيد ڪريون ٿا. توئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن بابت ڪمشنر ۽ عالمي اڳواڻن جي بيانن جو پڻ خير مقدم ڪيو ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارتي ظلمن خلاف آواز اٿارڻ جو هي مناسب وقت آهي ۽ عالمي برادري پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. ان کان اڳ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر مشيل بيچليٽ ڀارت کان والاريل ڪشمير ۾ لاڳو ڪرفيو ۽ پابندين ۾ نرمي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انساني حقن جي ڪائونسل جي 42 هين عالمي اجلاس دوران ڪشمير بابت ڳالهائيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪشمنر چيو ته لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن بابت جنيوا ۾ قائم منهنجي آفيس کي مسلسل ڄاڻ ملندي رهندي آهي. هن والاريل ڪشمير بابت ڀارتي قدمن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ لڳايل ڪرفيو ۽ مڙهيل پابندين ۾ نرمي آندي وڃي ته جيئن ماڻهن کي بنيادي سهولتون ملي سگهن. هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀارت جي تازن قدمن سبب ڪشميرين جا انساني حق سخت متاثر ٿيا آهن. انٽرنيٽ، مواصلاتي نظام ۽ ماڻهن جي پرامن طريقي سان گڏجڻ تي پابندي لڳل آهي ۽ مقامي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون ويون آهن. ميشيل بيچليٽ چيو ته ڪشمير ۾ گرفتار ماڻهن کي پنهنجي قانوني دفاع جو حق ڏنو وڃي ۽ اهو اهم آهي ته ڪشمير بابت فيصلن ۾ ڪشميرين جي راءِ ورتي وڃي، جنهن سان سندن مستقبل جڙيل آهي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪشمنر ڀارتي رياست آسام ۾ 19 لک ماڻهن جي شهريت ختم ڪرڻ تي مودي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته انهن ماڻهن کي قيد يا جلاوطن نه ڪيو وڃِي، ان لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن اهي ماڻهو شهريت جي محرومي کان بچي وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو