اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر )اسلام آباد سميت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 4 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ڪي پي صوبي ۾ 2 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. خيبرپختونخواهه جي پراونشل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته زلزلي جي گهرائي 180 ڪلوميٽر زير زمين هئي ۽ ان جي شدت 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي موجب زلزلو پاڪستاني وقت موجب رات 9 لڳي 47 منٽن تي آيو، زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو.ترڪمانستان، ڀارت، قزاقستان، تاجڪستان، ازبڪستان، چين، افغانستان، ڪرغزستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.پشاور، ڪوهاٽ، صوابي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه لاهور، ڪوئيٽا، راولپنڊي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ان کان علاوه بهاولپور، لوڌران، ڊي جي خان، ميانوالي، خانيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، پارا چنار، ڪرڪ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.لڪي مروت، مردان، باجوڙ، نوشهره ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.اسڪردو ۽ چلاس ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. خوفزده ماڻهو کلمه طيبه پڙهندا گهرن مان نڪري آيا.
Magnitude : 6.8
Epicentre: Hindukush Region, Afghanistan.#earthquake pic.twitter.com/YiBs5qaefF— Pak Met Department محکمہ موسمیات (@pmdgov) March 21, 2023
ڀت ڪرڻ سبب ۽ ٻين واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت
زلزلي سبب مختلف شهرن ۾ ڀتيون ڪرڻ ۽ ڀڄڻ جا واقعا پيش آيا آهن.اسپتال ذريعن موجب لوئر دير جي علائقي ديري ۾ زلزلي سبب گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي.ريسڪيو ذريعن موجب لواري ۾ به ڀاڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 43 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب مانسهره جي علائقي شنڪياري ۾ زلزلي دوران هڪ عورت دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي. ان کان علاوه سوات جي علائقي مدين ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 13 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي. سوات جي علائقي شموزئي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب زلزلي ۾ زخمي ٿيل 50 ڄڻن کي سوات جي سيدو شريف اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته لوئر دير ۾ زلزلي دوران ڀاڄ دوران 7 ڄڻا هيٺ لهي ڪري زخمي ٿي پيا، جن کي تيمور ڳڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.خيبرپختونخواهه جي شهر صوابي جي علائقي شيخ جان ۾ زلزلي سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڊائريڪٽر جنرل ريسڪيو 1122 ڊاڪٽر خطير احمد جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب خيبرپختونخواهه جي 5 ضلعن مان ڇت ۽ ڀتيون ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، صوابي، چترال، بونير، مردان ۽ لوئر دير مان هنگامي ڪالون ڪيون ويون آهن.هوڏانهن ڪوهستان ۾ زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ سبب قراقرم هاءِ وي بند ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪالام ويجهو ڪرڪنڊي پل وٽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بحرين روڊ بلاڪ ٿي ويو آهي.اسلام آباد جي سيڪٽر اي 11 ۾ هڪ گهڻ ماڙ رهائشي عمارت زلزلي سبب متاثر ٿي آهي ۽ ان جي ڀتين تي درا پئجي ويا آهن. رهواسي فليٽن مان ٻاهر نڪري آيا. ضلعي انتظاميه عمارت جو معائنو ڪندي.گوجر خان ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب گاڏي کي نقصان پهتو آهي.
آفٽر شاڪس جاري
موسميات کاتي موجب زلزلي جي آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي ۽ ان آفٽر شاڪس جي شدت 3.7 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي مرڪز چيو ته زلزلي جو مرڪز 10:43 تي زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندو ڪش جبل جو سلسلو هو ۽ ان جي اونهائي 156 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي،
اسپتالن ۾ الرٽ جاري
صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. زلزلي جي زوردار جهٽڪن کي نظر ۾ رکندي پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، صحت واري وزير چيو ته اسپتال انتظاميه ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائي.رپورٽن مطابق حجره شاهه مقيم، پاڪپتن، اوڪاڙه، عارف والا، ڦول نگر، پتوڪي، ڪوٽ راڌا ڪشن، شاهه ڪوٽ، چونيان، قصور، شيخوپوره ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.پاڪپتن جي شهرين جو خيال آهي ته اهڙو شديد زلزلو اڳ ڪڏهن به نه آيو آهي. پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي سمورن تدريسي سرڪاري اسپتالن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم جي اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ آيل زلزلي کي نظر ۾ رکندي عوام جي صحتيابي ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته الله تعاليٰ سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ ملڪ کي هر آفت کان محفوظ رکي.وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پی ڈی ایم اے اپڈیٹس
خیبر پختونخوا میں زلزلے سے حادثات کےنتجے 2 افراد جابحق ہوئے ۔
۔مختلف حادثات کےنتجےمیں 6 افراد زخمی ہوئے۔
۔اب تک کی اطلاعات کےمطابق صوبہ بھر میں 8 گھروں کو جزوی نقصان پہنچا۔
ضلعی انتطامیہ، ریسکیو 1122 اور سول ڈیفنس کو ضروری احکامات اور الرٹ رہنے کی ہدایت pic.twitter.com/TmvAnxHNKi
— PDMAKP OFFICIAL (@PDMAKP) March 21, 2023










