جروار(محمد بخش گبول) معصوم يتيم نينگري مورزادي کي چاچن طرفان وڪرو ڪري ننڍي عمر ۾ 45 سالا پوليس اهلڪار سان زبردستي شادي ڪرائڻ واري خبرسنڌ يار ۾ شايع ٿيڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار نوٽيس ورتو. مائي بيگم لغاري جي فرياد تي ملوث پوليس اهلڪار علي لغاري سندس ڀائر عرض محمد، مرزا لغاري ۽ سندس چاچن بگو لغاري منير لغاري سميت 5 ماڻھن خلاف جروار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻئي طرف جروار پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد کان جلد گرفتار ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










