سي ٽي ڊي پنجاب جون ڪارروايون، 12 دهشتگرد گرفتار

سي ٽي ڊي پنجاب جون ڪارروايون، 12 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) لاهور سميت 3 شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي 12 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق القائده ۽ ٽي ٽي پي سان آهي.ترجمان سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته لاهور جي حساس علائقي مان 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، دهشتگردن وٽان بارودي مواد ۽ خودڪش ويسٽ ٺاهڻ جو مواد هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي اختيارين موجب دهشتگرد حساس هنڌن تي تخريبڪاري ڪرڻ چاهيندا هئا، گرفتار دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته لاهور سميت 3 شهرن ۾ 797 ڪومبنگ ۽ سرچ آپريشن ڪري 159 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو