عمران جن سان ملڻ چاهي ٿو اُهي ساڻس ملڻ نٿا چاهين: راڻا ثناءُ الله

عمران جن سان ملڻ چاهي ٿو اُهي ساڻس ملڻ نٿا چاهين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان سياستدانن سان نه ٻئي ڪنهن سان ملڻ چاهي ٿو.هڪ بيان ۾راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان راضي ٿئي ته ساڻس ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون پر هو سياستدانن بدران ڪنهن ٻئي سان ملڻ چاهي ٿو ۽ هو جن سان ملڻ چاهي ٿو اُهي ساڻس ملڻ نٿا چاهين.هن چيو ته عمران خان کان ڪير پڇي ته هو انهن سان ڇو ملڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن عمران خان ملڻ ئي چاهي ٿوته کيس اِهو چوڻ گهرجي ته مان وزيراعظم شهباز شريف يا آصف زرداري سان ملڻ چاهيان ٿو.هن وڌيڪ چيو ته صوبن ۾ ڌار ڌار چونڊون مُلڪ ٻوڙي ڇڏينديون، هن وقت آدمشماري جاري آهي، جيڪڏهن ٽيهه مارچ تائين آدمشماري وارو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ نوٽيفاءِ ٿي ويو ته ان کان پوءِ آئين پٽاندڙ چونڊون ايندڙ چئن مهينن کان اڳ نٿا ڪرائي سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو