پاڪستان ۾ جمھوريت جي نالي تي مارشل لا مڙھيل آھي: لال جروار

پاڪستان ۾ جمھوريت جي نالي تي مارشل لا مڙھيل آھي: لال جروار

ڪراچي (پ ر( سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ “قومپرست سياست حال ۽ مستقبل” جي موضوع تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ مرڪزي نائب صدر حور النساء پليجو ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تھ پاڪستان ۾ جمھوريت جي نالي ۾ مارشل لا مڙھيل آھي. يونين ڪائونسل جي ڪائونسلر جي چونڊن ۾ بھ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي ماڻھن کي پرامن جمھوري جدوجھد ڪرڻ ئي نٿي ڏني وڃي، پرامن احتجاجن تي دھشتگردي جون ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪٽيون پيون وڃن. ملڪ ٺھڻ شرط ئي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي قتل ڪيو ويو، فاطما جناح مٿان عقبوتون ڪيون ويون، گذريل 75 سالن کان پاڪستان ۾ ڪڏھن سڌي ريت تھ ڪڏھن جمھوريت جي نالي ۾ اڻ سڌي مارشل لائون مڙھيون ويون آھن، مارشل لائن جھڙين اھڙين خطرناڪ حالتن ۾ بھ سنڌ جا لکين ماڻھو اسان سان گڏ آھن، سا اسان جي وڏي ڪاميابي آھي. ٻيٽن تي قبضن خلاف سنڌ جي ماڻھن عوامي تحريڪ جي سڏ ۾ سڏ ڏنو جنھن ڪري وفاق کي پوئتي ھٽڻو پيو، عوامي اسيمبلين ۾ اسين مضبوط آھيون، عوامي تحريڪ مضبوط آھي، سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو جن وٽ اٽو ڪونھي، جيڪي ٻن ويلن جي ماني کان محروم آھن، جن کان تعليم ڦري وئي آھي، جن کي صحت جون سھولتون نٿيون ملن، جيڪي بکيا آھن، جيڪي ڏکيا آھن سي اسان جي قوت آھن، عوامي تحريڪ انھن جي پارٽي آھي. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي پٺتي پيل غريب مسڪين ھارين ۽ ھارياڻين لانگ مارچون ڪري ڪالا باغ ڊيم ذريعي سنڌ کي تباھ ڪرڻ واري حڪومتي منصوبي کي ناڪام ڪيو. اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت وارين اسيمبلين ون يونٽ مڙھيو، اسان جي بکين ھارين ۽ پورھيتن جي اسيمبلي محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ ٻين عوامي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ لکين ماڻھو گڏ ڪري ون يونٽ کي للڪاريو ۽ ايوبي مارشل لا کي ڀورا ڀورا ڪيو. اسان جون اسيمبليون روڊ ۽ رستا آھن، اسان جي فيصلا ساز قوت سنڌ جا پورھيت آھن، شاگرد ھاري ۽ مزدور آھن، عوام دوست اديب ۽ دانشور آھن. ھن چيو تھ سنڌ جي ماڻھن پيپلز پارٽي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ جا ماڻھو اسان سان گڏ آھن، پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سبب چونڊجي اچي پئي، سنڌ جا ماڻھو پيپلز پارٽي کي ڪو نھ ٿا چونڊين. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ لٽريچر فيسٽل جھڙا پروگرام ٿيڻ گھرجن، ھي پروگرام حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص سميت ھر ڊويزن ۾ ٿيڻ گھرجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو