ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.دستاويزن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي قيمتن ۾ ٻن طريقن سان واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت صارفين لاءِ هڪ ئي ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.دستاويز موجب يونيفارم ٽيرف لاڳو ٿيڻ سان ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي 3.21 رپيا في يونٽ مهانگي ٿيندي.ڪي اليڪٽرڪ جي 100 يونٽن وارن صارفين لاءِ بجلي 1.4 رپيا في يونٽ ۽ 700 يونٽن وارن صارفين لاءِ 3.2 رپيا في يونٽ، جڏهن ته عارضي رهائشي صارفين لاءِ بجلي 4.45 رپيا في يونٽ ۽ صنعتي صارفين لاءِ 4.45 رپيا في يونٽ هوندي.ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ ٽه ماهي بنيادن تي 1.55 رپيا واڌ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ جولاءِ 2022ع کان سيپٽمبر 2022ع ۽ مارچ 2023ع کان مئي تائين ٽه ماهي اگهن ۾ واڌ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. 2023 ٿي ويو ڪي اليڪٽرڪ جي 100 يونٽن وارن صارفين لاءِ بجلي 1.55 رپيا في ٽه ۽ صنعتي صارفين لاءِ 1.55 رپيا في ٽه ماهي واڌ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو