ڪي پي پنجاب چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم،ٻن ججن جو اختلاف

ڪي پي پنجاب چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو حڪم،ٻن ججن جو اختلاف

اسلام آباد (بيورو رپوٽ)سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.فيصلي ۾ 5 رڪني بينچ جي ٻن ميمبرن درخواستن جي ٻڌڻي تي اعتراض ڪيو، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته عام چونڊن جو طريقيڪار مختلف آهي، آئين ۾ چونڊن لاءِ 60 ۽ 90 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن گورنر جي دستخط نه هجي ته 48 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن، پنجاب اسيمبلي ڪلاڪن اندر ئي ٽوڙي ڇڏي، گورنر جي منظوري تي ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي وئي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت گورنر کي ٽن ڪيسن ۾ اختيار ڏنا ويا آهن، آرٽيڪل 112 تحت گورنر وڏي وزير جي مشوري تي اسيمبلي ٽوڙيندو آهي، آئين جو آرٽيڪل 222 چوي ٿو ته چونڊون آئين جو موضوع آهن. وفاق جو اليڪشن ايڪٽ گورنر ۽ صدر جي چونڊ جو اختيار ڏئي ٿو، جيڪڏهن گورنر اسيمبلي ٽوڙي ته پوءِ گورنر به تاريخ جو اعلان ڪندو، جيڪڏهن گورنر اسيمبلي نه ٽوڙي ته صدر سيڪشن 57 تحت اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو،سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار صدر وٽ آهي، چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي آئيني ذميواري گورنر جي آهي، گورنر ڪي پي ڪي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري آئيني ذميواري کان انحراف ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي صدر کي چونڊن جي تاريخ جي سفارش ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن سان صلاح مشوري بعد پنجاب جي صدر کي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ به پاڻمرادو نوٽيس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪيو آهي، فيصلو 13 صفحن تي مشتمل آهي، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه جو اختلافي نوٽ 2 صفحن تي مشتمل آهي.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ 3 کان 2 جي اڪثريت سان فيصلو ڏنو، بينچ جي اڪثريت درخواستگذارن کي رليف ڏنو.

ٻن ججن جو درخواستن جي ٻڌڻي تي اعتراض  

فيصلي ۾ 5 رڪني بينچ جي ٻن ميمبرن درخواستن جي ٻڌڻي تي اعتراض ڪيو، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته عام چونڊن جو طريقيڪار مختلف آهي، آئين ۾ چونڊن لاءِ 60 ۽ 90 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن گورنر جي دستخط نه هجي ته 48 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن. پنجاب اسيمبلي ڪلاڪن اندر ئي ٽوڙي ڇڏي، گورنر جي منظوري تي ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي وئي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت گورنر کي ٽن ڪيسن ۾ اختيار ڏنا ويا آهن، آرٽيڪل 112 تحت گورنر وڏي وزير جي مشوري تي اسيمبلي ٽوڙيندو آهي، آئين جو آرٽيڪل 222 چوي ٿو ته چونڊون آئين جو موضوع آهن. وفاق جو اليڪشن ايڪٽ گورنر ۽ صدر جي چونڊ جو اختيار ڏئي ٿو، جيڪڏهن گورنر اسيمبلي ٽوڙي ته پوءِ گورنر به تاريخ جو اعلان ڪندو، جيڪڏهن گورنر اسيمبلي نه ٽوڙي ته صدر سيڪشن 57 تحت اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو.

اليڪشن ڪميشن فوري طور تي صدر کي چونڊن جي تاريخ جي سفارش ڪري، فيصلو

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار صدر وٽ آهي، چونڊن جي تاريخ جي اعلان جي آئيني ذميواري گورنر جي آهي، گورنر ڪي پي ڪي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري آئيني ذميواري کان انحراف ڪيو، چونڊون ڪرايون. اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي صدر کي چونڊن جي تاريخ جي سفارش ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن سان صلاح مشوري بعد پنجاب جي صدر کي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر ۽ گورنر سان مشاورت جو پابند آهي، جيڪڏهن 9 اپريل تي چونڊون ممڪن نه ٿيون ته مشاورت کانپوءِ پنجاب ۾ تاريخ تبديل ڪري سگهجي ٿي.

وفاق اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندو: فيصلو

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪن، وفاقي اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪري، عدالت چونڊن بابت درخواستن کي قابل سماعت قرار ڏيندي ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جا اختلافي نوٽس به پڙهي ٻڌايا. اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو ته هي ڪيس آرٽيڪل 184/3 تحت ٻڌڻ جوڳو ناهي، عدالت اهڙن ڪيسن ۾ 184/3 جو اختيار استعمال نه ڪري، لاهور هاءِ ڪورٽ اڳ ئي چونڊن بابت فيصلو ڏئي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي، پاڻمرادو نوٽيس نٿو وٺي سگهجي. اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو ته پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽون 3 ڏينهن ۾ چونڊ درخواستون اڪلائي ڇڏيون، جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله نوٽيس سان متفق آهن، چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس جون درخواستون رد ڪيون ويون، ان تي ڪو به پاڻمرادو نوٽيس ناهي. معمول موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جون درخواستون رد ڪيون ويون.سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ 16 فيبروري تي غلام محمود ڊوگر ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي هئي.حڪمران اتحاد 9 رڪني لارجر بينچ ۾ شامل 2 ججن تي اعتراض اٿاريو، جنهن کانپوءِ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي پاڻ کي بينچ کان الڳ ڪري ورتو ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله به 9 رڪني بينچ کان الڳ ٿي ويا.

Supreme-Court-Verdict-on-Election-Date

پهنجو تبصرو موڪليو