اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران ڪابينه ميمبرن جي اڪثريت جي غير حاضري تي سخت تنقيد ڪئي آهي.قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي تقرير ڪندي خورشيد شاهه چيو ته 96 ميمبر وزيرن جي برابر عهدو رکن ٿا. بجيٽ تي بحث جاري آهي پر هتي وزيرن جو انگ ڏسي وٺو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته موجوده حالتن ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي. ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته ميمبر پنهنجون ذميواريون پورڻ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪابينه جا سمورا ماڻهو اسيمبلي اچن ته جهڙين حالتن ۾ به بجيٽ پيش ٿيندو اهو ڪامياب بجيٽ هوندو. وفاقي وزير چيو ته بجيٽ جي حوالي سان اسان ڪنهن سان ڳالهايون، هاڻ ته سرڪاري ملازم به گهرائڻ تي نٿا اچن. اها وڏي زيادتي آهي ته اسان هتي بجيٽ تي ڳالهايون ۽ هتي هجي ڪير به نه. جيڪي معاشي حالتون آهن انهن ۾ اسان جو هتي ويهڻ عوام جي دل رکڻ جي برابر آهي.خورشيد شاهه چيو ته اسان ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ نه آهيون. اسان جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اسان ڪوڙا کاڌا، سڀ ڪجهه برداشت ڪيو، اڄ پارليامينٽ جي ڪهڙي حيثيت آهي، اڄڪلهه ڪوبه ادارن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان جمهوريت کي پٽڙي تي چڙهائڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. اسان ڪنهن تي به حملو نه ڪيو آهي اسان جا اڳواڻ به جيلن ۾ رهيا آهن.










