90 ڏينهن گذرڻ تائين طلاق لاڳو نٿي ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ

90 ڏينهن گذرڻ تائين طلاق لاڳو نٿي ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته مسلم خانداني قانون آرڊيننس 1961 جي سيڪشن 7 تحت، طلاق جي ڪنهن به صورت، جنهن ۾ ٽي طلاق شامل آهن، 90 ڏينهن جي مدت ختم ٿيڻ تائين اثرائتو نه ٿي سگهي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي مشتمل ٽي رڪني بينچ، محمد حسن سلطان جي طلاق جي درخواست کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن مڙس غير مشروط طور تي زال کي طلاق جو حق ڏنو آهي، ته پوءِ زال کي به طلاق واپس وٺڻ جو پورو حق آهي.عدالت 7 آڪٽوبر 2024 جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي چيو ته ڌرين 2016 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ نڪاح جي سند جي شق 18 تحت، مڙس غير مشروط طور تي زال (مريل شاهه) کي طلاق جو حق ڏنو هو.زال 3 جولاءِ 2023 تي سيڪشن 7(1) تحت نوٽيس جاري ڪيو، پر 90 ڏينهن جي مدت ختم ٿيڻ کان اڳ، 10 آگسٽ 2023 تي، هي ڪارروائي واپس ورتي وئي، جنهن تي چيئرمين يونين/ثالثي ڪائونسل طلاق جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو