9 مئي ڪيس, خان جي ضمانتن واري اپيلن تي نوٽيس جاري

9 مئي ڪيس, خان جي ضمانتن واري اپيلن تي نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ عمران خان پاران داخل ڪيل 8 ضمانت جي اپيلن تي پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمران خان پاران داخل ڪيل 8 اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ضمانت جي درخواست ۾ فائنڊنگ ڏني وئي آهي، ضمانت جي فيصلي ۾ فائنڊنگ صحيح آهي يا نه، ان کي هن وقت نه ڇهيو وڃي ۽ اسان هن وقت قانوني معاملن ۾ نه وينداسين.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن قانوني فائنڊنگ کي هاڻي ڇهيو وڃي ته انهن مان هڪ جو ڪيس متاثر ٿي سگهي ٿو، ۽ اڄ ڌرين جا نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن.جسٽس يحيٰ آفريدي پڇيو ته ڇا ضمانت جي ڪيس ۾ آخري آبزرويشن ڏئي سگهجن ٿا؟ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن کي قانوني سوالن تي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تائين قانوني معاملن تي تياري ڪرڻ گهرجي.بعد ۾ عدالت 8 ضمانت جي اپيلن تي پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو