لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي تي جناح هائوس ويجهو پوليس گاڏين کي ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت جي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج منظر علي گل جناح هائوس ويجهو پوليس گاڏين کي ساڙڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون هيون.عدالت ضمانت جي درخواستن تي ڌرين جي دليلن کي مڪمل ڪرڻ ۽ شاهه محمود قريشي، عمر سرفراز چيما ۽ ميان محمود الرشيد جي ضمانت جي درخواستن کي رد ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو.پي ٽي آءِ جي انهن اڳواڻن تي 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پرتشدد احتجاجن جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.










