ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي واري واقعي جو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي ڏکڻ کي 27 آڪٽوبر تي 1 وڳي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ ون کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ان سلسلي ۾ رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته پوليس آفيسر جاچ بابت رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿين.










