9 مئي واقعن جي مذمت،علي زيدي پاران پارٽي نه ڇڏڻ جو اعلان

9 مئي واقعن جي مذمت،علي زيدي پاران پارٽي نه ڇڏڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ علي زيدي روئي ويٺو.ڪراچي جي خانگي اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته ڪورڪمانڊر لاهور جي گهر کي ساڙيو ويو، ريڊيو پاڪستان کي ساڙيو ويو، شهيدن جي يادگار کي ساڙڻ سان سڀ کان وڌيڪ ڏک پهتو آهي، فوج اسان مان آهي اسان فوج مان آهيون هن وڌيڪ چيو ته پرامن احتجاج آئيني حق آهي ۽ ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو دهشتگردي هو، 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، تشدد جي ڪڏهن به حمايت نٿا ڪري سگهون.تحريڪ انصاف ڇڏڻ بابت گردش ڪندڙ افواهن تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته مان تحريڪ انصاف ۾ ئي پيدا ٿيو آهيان، عمران خان کانسواءِ ڪنهن کي به سياستدان نٿو سمجهان، جنهن ڏينهن عمران خان تحريڪ انصاف کي ڇڏي ڏيندس. خان صاحب ڇڏي، تحريڪ انصاف منهنجي آهي، پارٽي آهي، مون تي دٻاءُ وجهي پارٽي کي ڪير به آزاد نٿو ڪري سگهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ علي زيدي ڪاوڙ ۾ اچي ويو، هن چيو ته مونکي افسوس آهي ته پارٽي اندران اهڙا آواز اچي رهيا آهن، هي منهنجي پارٽي آهي، مون ٺاهي آهي.هنن چيو ته مون درخواست ڏني هئي، چئن پنجن ڏينهن کان منهنجي پٺي ۾ درد آهي، ڊاڪٽرن چيو آهي ته ايڪسري ڪرائڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو