لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته رياست کي 9 مئي سانحي جو انصاف نه مليو ته نواز شريف کي انصاف ڪير ڏيندو؟ هڪ بيان ۾ وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته فوجي تنصیبات تي حملا ڪندڙ آزاد آهن، ڌرتي ماءُ کي انصاف ناهي ملي رهيو.هن چيو ته نواز شريف کي نااهل ڪرڻ لاءِ عدليه کي استعمال ڪيو ويو، ان حوالي سان جاچ ڪرائي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ادارن کي پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي.










