لاهور(ويب ڊيسڪ) 9 مئي تي جناح هائوس حملي سميت ٻين ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.پراسيڪيوشن 9 مئي تي جناح هائوس حملي ۽ ٻين ڪيسن جا چالان دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پراسيڪيوشن طرفان 9 مئي سانحي ڪيس جي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما ۽ پنجاب جي اڳوڻي صحت واري وزير ياسمين راشد جا نالا شامل آهن. ان کان علاوه خديجه شاهه ۽ صنم جاويد سميت ٻيا جوابدار چالان ۾ شامل آهن. پراسيڪيوشن جناح هائوس حملي ڪيس، عسکري ٽاور حملي، شادمان پوليس اسٽيشن ساڙڻ ۽ شيرپائو پل تي حملي ڪيس ۾ به چالان داخل ڪيو آهي.










