راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ مختلف اڳواڻن خلاف 9 مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ڪئي.ٻڌڻي دوران شيخ رشيد، شبلي فراز، غلام سرور، صداقت عباسي، شيرين مزاري، اعظم سواتي عدالت ۾ پيش ٿيا.9 مئي سانحي جي 500 کان وڌيڪ جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پي ٽي آءِ جي باني کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي ۽ ٻين طرفان محمد فيصل ملڪ قانوني ٽيم سان گڏ پيش ٿيو.عدالت 9 مئي تي 12 ڪيسن ۾ بشرا بي بي جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪندي واپس وٺي ڇڏي هئي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته بشرا بي بي جي 9 مئي سانحي جي ڪيسن جي جاچ 7 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري به ضروري آهي.










