9 مئي تي جيڪو ڪجھ ٿيو اُن تي قانون ۽ عدالتون ڪٿي آھن؟:شرجيل

9 مئي تي جيڪو ڪجھ ٿيو اُن تي قانون ۽ عدالتون ڪٿي آھن؟:شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ اسيمبلي پنھنجو مدو پورو ڪرڻ وڃي رھي آھي، سنڌي اسيمبلي پنھنجي مدي دوران رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ھن ڀيري اسيمبلي جي ڪارڪردگي ۾ ڪيترائي انقلابي ڪم سرفھرست آھن، ٻوڏ جي تباھ ڪارين ۽ ٻين سمورن للڪارن کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو. سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالھائيندي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ٻوڏ جي مشڪل صورتحال ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ جي قيادت ۾ سڀني گڏجي محنت ڪئي ۽ متاثرن کي رليف پھچايو، اُن سان گڏ سمورن ادارن به پنھنجو ڪردار سھڻي ريت نڀايو ۽ سڀ پنھنجو ڪردار بھتر نموني نڀائي رھيا آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئون ھڪ دعوت ۾ ويٺو ھيس، جنھن ۾ ٻاھر جي ميڊيا جا ماڻھو موجود ھُئا، مون کان پُڇيو ويو ته تشدد جو شڪار ٿيل ٻارڙي رضوانا جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ڇو خاموش آھي. ھن چيو ته اسان واضح ڪرڻ چاھيون ٿا ته رضوانا تي تشدد ڪيس اسان جي حدن ۾ ناھن ٿيو، 14 ورھين جي ٻارڙي رضوانا تي تشدد جي ڪيس جي ڪري پاڪستان جو اميج پوري دُنيا ۾ خراب ٿيو، افسوس آھي جو تشدد جو شڪار ٿيل رضوانا کي اڃا تائين انصاف نه ملي سگھيو آھي. ھن چيو ته اسان ڏٺو آھي ته ننڍن ننڍن مسئلن تي به پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو آھي، ھوٽل تي کاڌو نه ملڻ تي به پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، اھو ادارو جنھن جو آئيني ڪم انصاف ڏيڻ آھي اُن اداري جا ماڻھو اُن واقعي ۾ ملوث آھن، ھڪ جج صاحب جي گھرواري اُن ۾ ملوث آھي، جج جي زال قانون کان بالاتر ڇو آھي، آئون اپيل ڪريان ٿو ته اُن معصوم ٻارڙي کي انصاف ڏياريو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان اڄ به لاڏلو ڇو آھي، ھڪ شخص جي گرفتاري تي مزاحمت ڪئي وئي، سيڪورٽي ادارن جي اھلڪارن تي پيٽرول بم اُڇليا ويا، ھي ھڪ شرمناڪ عمل آھي، پوليس جي تبديلي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اُن واقعي جو نوٽيس وٺن. ھن چيو ته اڄ پوليس جي شھدن جو ڏينھن آھي، اسان پوليس جي خزدمتنخدمتن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، اسان پنھنجي پوليس، فوج، ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جن ماڻھن وٽ ڪجھ ناھي اُھي ڪارونجھر کي اشو بڻائي رھيا آھن، ڪجھ ماڻھو ڪارونجھر جي اشو جي بھاني ڪارونجھر گھمي آيا آھن.ھن چيو ته عمران سان اڃا تائين خاص ورتاءُ ٿي رھيو آھي، جنھن شخص ھر ريڊ لائن پار ڪئي اھو اڄ به محفوظ آھي، پھرين عمران خان کي تاريخ تي تاريخ ملي رھي ھُئي ھاڻي کيس رليف تي رليف ڏنو پيو وڃي، 9 مئي تي جيڪو ڪجھ ٿيو اُن تي قانون ۽ عدالتون ڪٿي آھن؟

پهنجو تبصرو موڪليو