8 کان 10 آگسٽ تائين اسمبليون ٽٽي وينديون:منظور وساڻ

8 کان 10 آگسٽ تائين اسمبليون ٽٽي وينديون:منظور وساڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته 8 کان 10 آگسٽ تائين اسمبليون ٽٽي وينديون ۽ مُلڪ ۾ عام چونڊون آڪٽوبر بدران نومبر ۾ ٿينديون. پنهنجي اڳ ڪٿين جي حوالي سان مشهور زرعي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته هي چونڊن لاءِ سٺو وقت آهي، پ پ جو به واضح موقف آهي ته اليڪشن مقرر وقت تي ٿئي ۽ نتيجو عوام جي سامهون اچي.منظور وساڻ چيو ته مُلڪ ۾ عام چونڊن سان گڏوگڏ ٻُهارو پڻ ايندو، ڪير ڪونه بچندو، ڪيئي ماڻهون ڪيسن ۾ ڦاسندا، ڪجهه جيل ۾ ويندا ڪجهه ٻاهر ايندا.نئين آدم ڳڻپ بابت سندس چوڻ هوته نئين مردشماري تحت چونڊون ڪرايون ويون ته پوءِ چونڊون مشڪل آهن ڇو جو ان ۾ اٺ کان ڏهه مهينا لڳي ويندا. منظور وساڻ جو چوڻ هوته ايندڙ نئين حڪومت ۾ وزيراعظم پ پ يا ن ليگ جو هوندو، هر پارٽي ڌار ڌار پنهنجي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندي، کٽڻ کانپوءِ اتحاد ٿي سگهي ٿو ۽ هارائڻ وارا اپوزيشن ۾ ويهندا. هن وڌيڪ چيو ته عام چونڊون آڪٽوبر بدران نومبر ۾ ٿينديون، ڇو جو آڪٽوبر ۾ گرمي هوندي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن کي به ڪجهه وقت گهربل هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو