دادو(ن س)ڀرسان ڪچي واري علائقي جھلو ٿاڻي جي حد ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني زميني تڪرار تان فائرنگ ٿي آهي ذريعن موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ماڻهون مارجي ويا، جڏهن ته هڪ واٽهڙو عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، اڪبر چانڊيو گروپ جا 6 ماڻهون جڏهن ته شيخ گلاب چانڊيو گروپ جا 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته اطلاع تي پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي وئي جن مان ڪجهه زخمين کي علاج لاءِ دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارجي ويلن جي نالن جي سڃاڻپ اڪبر چانڊيو گروپ جا حاجن، منظور، سلطان، ذوالفقار، بچل چانڊيو، حبيب الله چانڊيو شامل آهن
شيخ گلاب چانڊيو گروپ جا گل بهار ۽ دلدار چانڊيو شامل آهن جڏهن ته ته زخمين ۾ ممتاز، غلام قادر ۽ هڪ واٽهڙو عورت شامل آهن شديد زخمي ممتاز چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ ريفر ڪيو ويو آهي










